Home / جاگو دنیا / پاکستان اور ایران کے درمیان دو طرفہ معاملات پر تعاون بدستور جاری رکھنے پر اتفاق

پاکستان اور ایران کے درمیان دو طرفہ معاملات پر تعاون بدستور جاری رکھنے پر اتفاق

ٽنڊوالهيار (راجه ساجد خانزاده)

ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ انب جي واپارين وڏو اگهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ ننڍي ڪچي انبرين جي پٽائي شروع ڪري ڇڏي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ واپارين طرفان ڊسيري ۽ سنيري انبن جي پٽائي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ وڏي اگهه حاصل ڪرڻ آهي انبن جي اصل پٽائي جون ۾ ٿيندي آبادگارن جون عبرت سان ڳالهيون خبر موجب ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ انبن جي پٽائي جون جي آخري مهيني کان پهرين هڃڻ کان ئي واپارين شروع ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته ننڍي انبرين جي پٽائي جي ڪري واپارين طرفان کيس ڪاربيٽ لڳائي تيار ڪري رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ وڏو اگهه حاصل ڪرڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته انبن جي باغ جي وڏي واپارين ۽ مالڪن جو چوڻ آهي ته ڊسيري ۽ سنيري انبن جي ڪجهه علائقن ۾ اڳاٽي تيار ٿي آهي پر ان کي به لاهر ۾ 10 کان 15 ڏينهن لڳي ويندا جڏهن ته انب باقائده تيار ٿي جون جي آخر ۾ مارڪيٽ ۾ اچي سگهي ٿو جڏهن ته انبن جي ٺيڪيدارن ۽ ننڍن واپارين جهڪ جي ڪري يا ڪمزور شاخن جي ڪري هيٺ ڪريل انبرين کي پچائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ٻي پاسي ٽنڊوالهيار ضلعي کي مختلف وڏي باغن ۾ انب پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف علائقن کان ليبر پهچڻ شروع ٿي وئي آهي جنهن ۾ انب جي پٽائي ۽ پيتيون تيار ڪندڙ ملتاني ليبر پهچڻ شروع ٿي وئي آهي

ٽنڊوالهيار (راجه ساجد خانزاده)

ڊپٽي ڪمشنر رشيد احمد زرداري صحت کاتي جي آفيسرن ، ڊاڪٽرن ۽ پوليو فيلڊ جي عملي کي هدايت ڪئي آهي ته 17 جون 2019 کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي دوران گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو جي بيماري کان بچائو جي قطرا پيارڻ واري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن 5 سالن تائين جي ڪنهن به ٻار کي پوليو جو ڦرو ڦرو پيئڻ کان محروم نه رهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ضلعي پوليو ايريڊيڪشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته اسان جي معاشري سان پوليو جي بيماري جو مڪمل خاتمو ڪرڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي اسان سڀني کي هن مهم ۾ عبادت سمجهي پورو ڪرڻ کپي هن چيو ته هن مهم ۾ قومي جذبي سان گڏ شرڪت ڪري هر ڪنهن ماڻهون کي حصو وٺڻ کپي جيئن پوليو جهڙي موذي مرض کان اسان جي مستقبل جا معمار محفوظ رهي سگهن هن مهم ۾ جيڪڏهن ڪوبه آفيسر ڪوتائي ورتي ته ان جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي ان موقعي تي ضلعي فوڪل پرسن براءِ پوليو ڊاڪٽر عبدالشڪور جروار ٻڌايو ته اسان جي طرفان 17 کان 20 جون تائين ضلعي ۾ شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ 4 يونين ڪائونسلرن مان 35021 ٻارن کي پوليو جي بيماري کان بچائو جا ڦرا پياريا ويندا هن مهم ۾ اسان جي 91 ٽيمون حصو وٺندي جنهن ۾ هڪ تعلقه سپروائيزر 8 يوسي ميڊيڪل آفيسر هن مهم جي نگراني ڪندا جڏهن ته بس اسٽاپ ۽ ٻين تفريح جي مقامات تي ٽرانزٽ پوائنٽس قائم ڪيا ويندا جيئن شهر ۽ ٻهراڙي کان اچڻ وڃڻ واري ٻارن کي ڦرو پياري سگهجي هن ٻڌايو ته هن مهم جي سلسلي ۾ 14 جون کان هڪ آگاهي واڪ پڻ ڪيو ويندو

Check Also

روس کا سپر سونک بمبار طیارہ گر کر تباہ

روس کا طویل فاصلے تک مار کرنے والا سپر سونک بمبار طیارہ کریمیا میں گر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *